ديهه واري

ديهه واري Dehwari (ٻولي): هيءَ ٻولي صوبي بلوچستان جي قلات ۽ مستونگ ضلعن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. هيءَ ٻولي هند- يورپي، هند- ايراني ۽ هند- آريائي ٻولين جي خاندان مان آهي. هن ٻوليءَ تي براهوي زبان جو اثر نمايان نظر اچي ٿو. هن ٻوليءَ جو واسطو ڏکڻ- اولهندي وارين ايراني ٻولين سان آهي. هيءَ گهرن ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻولي آهي. 1998ع جي آدمشماريءَ جي انگن اکرن موجب هن ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ پنجن هزارن تائين هئا. هيءَ ٻولي فارسي رسم الخط ۾ لکي وڃي ٿي. هن ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ مارو ۽ مالوند ماڻهو آهن، جيڪي اڪثر لاڏائو آهن. هڪ هنڌ ٺڪاڻو نه هئڻ ڪري هن ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ تعليمي لحاظ کان تمام گهڻو پوئتي پيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو